سنڌ مسلم

سنڌ مسلم (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار نامور ليکڪ پير علي محمد راشديءَ جي ادارت ۾ الحنيف پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان، 13 جولاءِ 1928ع کان شڪارپور مان پڌري ٿي. هن اخبار جي مونوگراف وٽ لکيل هوندو ته ”سنڌ جي بهترين علمي، ادبي سياسي ۽ مذهبي اخبار، جنهن سان الراشد گڏيل آهي.“ هيءَ اخبار ٻن کان چئن صفحن تي مشتمل هوندي هئي. هيءَ اخبار مسلسل پنج مهينا شڪارپور مان شيع ٿي. هيءَ بعد ۾ سکر منتقل ڪئي وئي، جتي 5 جنوري 1928ع کان پنجابي پريس سکر مان چپجي پڌري ٿيندي هئي. هن اخبار پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. بعد ۾ بند ٿي وئي.


لفظ سنڌ مسلمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو